ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سال 23-2022 ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان 33 شهرين جي فوتگي جي ڪيس ۾ نيپرا ڪي اليڪٽرڪ تي ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
نيپرا جاري شوڪاز نوٽيس تي ڪي اليڪٽرڪ جو جواب رد ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
نيپرا ڪي اليڪٽرڪ تي ڏنڊ لڳائڻ جي فيصلي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، ڪي اليڪٽرڪ کي 15 ڏينهن ۾ ڏنڊ جي رقم نامزد ڪيل بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
نيپرا هڪ متاثر خاندان کي 35 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان کانسواءِ هڪ متاثر جي خاندان جي ڀاتي کي ملازمت ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.