راهول گانڌي جي الهان عمر سان ملاقات، ڀارت ۾ پِٽڪو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو اپوزيشن ليڊر ۽ ڪانگريس جو مرڪزي اڳواڻ راهول گانڌي اڄڪلهه آمريڪا ۾ آهي ۽ ڀارتي شهرين کي خطاب دوران هو مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪري رهيو آهي.
راهول گانڌي آمريڪا ۾ ڪانگريس جي مسلم ميمبر الهان عمر سان ملاقات ڪئي، جنهن تي ڀارتيا جنتا پارٽي پٽڪو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
بي جي پي جو چوڻ آهي ته الهان عمر واضح طور ڀارت مخالف نظريو رکي ٿي ۽ هوءَ ڪيترائي ڀيرا ڀارت خلاف ڳالهائي چڪي آهي.
الهان عمر نمائندن جي ايوان جي ميمبر آهي، هوءَ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر چونڊجندڙ ٻن مسلم عورتن مان هڪ آهي، هوءَ پهرين آفريقي پناهگير آهي، جيڪا آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر چونڊي آهي.
الهان عمر ۽ راهول گانڌي جي ملاقات تي بي جي پي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي جيڪا ميمبر واضح طور ڀارت مخالف نظريو رکي ٿي ۽ پاڪستان جو دورو به ڪري چڪي آهي، ان سان ملاقات ڪري راهول گانڌي ڀارتين جي دل ڏکائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.