پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال ۾ سرڪاري ڪارپوريشنز ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ پگهارون وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
ناڻي واري وزارت سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ پگهارون 20 کان 25 سيڪڙو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب گريڊ هڪ کان 16 تائين 25 سيڪڙو پگهار وڌندي، جڏهن ته 17 کان 22 گريڊ تائين پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿيندي.
پگهارن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2024 کان لاڳو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.