چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ٽرافي جي مهورتي تقريب، ٽورنامينٽ جي ڪُل انعامي رقم ڪيتري آهي؟

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي انتطام هيٺ چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي ٽرافي جي مهورتي تقريب ٿي گذري، ميگا ايونٽ جا مقابلا سڀاڻي کان شروع ٿيندا.
تقريب ۾ ٽورنامينٽ جي پنجني ٽيمن جي ڪپتانن شاداب خان، محمد رضوان، محمد حارث، شاهين آفريدي، سعود شڪيل سيمت ٽيمن مينٽورز به ٽرافي سان گڏ تصويرون ڪڍرايو.
بورڊ جي افتتاحي ايونٽ جي ڪُل انعامي رقم چار ڪروڙ نوي لک رپيا رکي وئي آهي، 29 سپٽيمبر تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم کي ٽي ڪروڙ ۽ رنر اَپ کي ڏيڍ ڪروڙ رپيا ملندا.
پنج ئي ٽيمون گذريل پنج ڏينهن کان فيصل آباد ۾ آهن ۽ ميگا ايونٽ جي تيارين لاءِ سخت تربيتي سيشنز ۾ حصو وٺي رهيون آهن جنهن ۾ ملڪ جا نامور ڪرڪيٽر پڻ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.