عيد ميلاد النبي صه تي ٻن موڪلن جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ٻن موڪلن جي درخواست ڪندس.
صحافين سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته شهباز شريف ۽ مراد علي شاهه کي خط لکي 11 ۽ 12 ربيع الاول تي موڪل جي اعلان جو مطالبو ڪندس.
هن چيو ته 11 ۽ 12 ربيع الاول تي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي به خط لکندس، گڏوگڏ پيمرا چيئرمين کي به خط لکندس ته عيد ميلاد النبي صه جي تعظيم ۾ ڪيبل آپريٽرز کي پابند ڪيو وڃي ته ڪيبل تي نعت خواني ۽ درود سلام جي محفلن کي نشر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.