پي ٽي آءِ جو جمعي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جمعي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي.
پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جمعي کان شروع ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي سطح تي به اڳواڻن جي گرفتارين جي مذمت ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.