12ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان

گڏيل عرب امارتن پاڻ سڳورن صه جن جي ولادت جي خوشي ۾ 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عرب امارات جي فيڊرل اٿارٽي آف هيومن ريسورسز سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو ته وفاقي حڪومت 12 ربيع الاول جي موڪل لاءِ سرڪلر جاري ڪيو آهي.
انساني حقن ۽ امارات جي وزارت اعلان ڪيو ته آچر 15 سيپٽمبر تي پاڻ سڳورن صه جن جي ولادت جي موقعي تي سرڪاري ادارن سميت نجي شعبي جي ملازمن لاءِ به عام موڪل هوندي.
وزارت پنهنجي بيان ۾ گڏيل عرب امارتن جي شهرين کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.