”پهرئين سان رهڻو نه هو ٻئي نڀايو ڪونه“ تمنا جو محبت ۾ ناڪامي جو انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) هندي، تامل ۽ تيلگو فلمن ۾ هڪ جيتري مقبوليت ماڻيندڙ ڀارتي اداڪارا تمنا ڀاٽيا ٻه ڀيرا دل ٽٽڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
تمنا ڀاٽيا اڄڪلهه جتي پنهنجي تازو رليز ٿيندڙ فلم ” استري ٽو “ جي وڏي ڪاميابي مان لطف اندزو ٿي رهي آهي اتي سندس مداح فلم جي سپر هٽ گيت ” آج ڪي رات “ ۾ سندس ڊانس مووز کي ساراهي رهيا آهن.
تمنا ڀاٽيا ويجهڙائي ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر ۽ ذاتي زندگيءَ، محبت ۽ دوکي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا.
انٽرويوءَ دوران اداڪارا ٻڌايو ته سندس محبت ٻه ڀيرا دل ٽٽي آهي جنهن منهنجي ذاتي ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.
تمنا ڀاٽيا موجب، تمام ننڍي عمر هوءَ ڪنهن کي دِل ڏئي ويٺي، مون کي زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو ۽ هڪ همراهه لاءِ سڀ ڪجهه نه پئي ڇڏي سگهان، ان وقت احساس ٿيو اڳتي ٻيا به امتحان ايندا.
ٻيو ڀيرو پيار ۾ ناڪامي جو تجربو ونڊيندي اداڪارا چيو ته ٻيو دفعو سندس دل ان وقت ٽٽي جڏهن کيس احساس ٿيو ته اِهو همراهه سندس زندگي ۾ ڊگهي مدت واري ساٿي طور بهتر چونڊ نه آهي.
تمنا ڀاٽيا پوڊ ڪاسٽ دوران محبت ۾ ناڪامي جو ذڪر ته ڪيو پر انهن ماڻهن جا نالا واضح ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ مناسب سمجهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.