ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس جون ورديون پائي گهرن ۾ ڦر جون وارداتون ڪندڙ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان هٿيار، ورديون ۽ موبائل فونز برآمد ٿيا.
اورنگي ٽائون ۾ اقبال مارڪيٽ پوليس حوا ڳوٺ راجا تنوير ڪالوني مان 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي پوليس جون ورديون پائي گهرن ۾ ڦر جون وارداتون ڪندا هئا.
پوليس موجب جوابدارن پوليس جون ورديون پائي گهرن مان ڦر جون ڪيتريون ئي وارداتون ڪيون ۽ انهن خلاف اقبال مارڪيٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل هو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن وٽان هٿيار، ورديون، موبائل فونز ۽ روڪ رقم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هنن اورنگي ٽائون کانسواءِ بلديا ٽائون ۽ منگهي پير ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جو به اعتراف ڪيو آهي.
پوليس اختيارين موجب جوابدار اڳ ۾ گهر جي ريڪي ڪندا هئا ۽ پوءِ موقعي ملندي ئي ڀت ٽپي داخل ٿيندا هئا ۽ ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويندا هئا.
Prev Post
Next Post
You might also like