پي آءِ اي جو جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جو جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو، جهاز کي اڏام ڀرڻ جي 50 منٽن کانپوءِ ايمرجنسي لينڊنگ ڪرڻي پئي.
پي آءِ اي جي دبئي کان پشاور ايندڙ جهاز ۾ اڏام ڀريندي ئي فني خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ جهاز واپس ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي.
ايوي ايشن ذريعن موجب اڏام پي ڪي 284 ۾ روانگي کانپوءِ خرابي پيدا ٿي، ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر دبئي جي هدايت تي جهاز 50 منٽن کانپوءِ واپس لينڊنگ ڪئي.
مسافرن کي جهاز مان لاهي لانچ منتقل ڪيو ويو ۽ ايئر بس اي 320 جهاز جو معائنو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.