اسٽيبلشمينٽ جي درخواست تي 22 آگسٽ وارو جلسو ملتوي ڪيو: عمران خان جو اعتراف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان اعتراف ڪيو آهي ته 22 آگسٽ جو جلسو اسٽيبلشمينٽ جي درخواست تي ملتوي ڪيو.
اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻاويهه آگسٽ وارو جلسو اسٽيبلشمينٽ جي درخواست تي ملتوي ڪيو .
هن ٻڌايو ته اعظم سواتي صبح ستين وڳي وٽس آيو ۽ چيو ته اسٽيبلشمينٽ موڪليو آهي ۽ درخواست ڪئي آهي ته ملڪ جي خاطر جلسو ملتوي ڪريو.
عمران خان موجب، اعظم سواتي پيغام ڏنو ته هڪ پاسي ڪرڪيٽ ميچ ٻئي پاسي مذهبي پارٽين جو اسلام آباد ۾ احتجاج جاري آهي ملڪ ۾ انتشار پکڙجي سگهي ٿو.
عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ ضمانت ڏني هئي ته اٺ سپٽيمبر واري جلسي ۾ مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان ئي پيغام تي پاڪستان خاطر 22 آگسٽ وارو جلسو ملتوي ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ عمران چيو ته جيڪڏهن کيس ڪيسن مان رليف وٺڻو هجي ها ته ملڪ مان ڀڄي وڃي ها،چيو ويو هوته ٽن سالن تائين خاموش رهيس ته ڪجهه نه ٿيندو ڪيس ختم ڪيا ويندا.
عمران خان چيو ته نيب ترميمن جي بحالي هاڻ قانون بڻجي چڪو آهي ان تحت عدالت کان رليف گهريو آهي اِهو قانوني معاملو آهي.
پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ٻيهر مڙهيو ويو ته ملڪي تاريخ جي ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين، قاضي فائز ملڪي تاريخ جو هڪ جانبدار ترين جج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.