اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف داخل نئون توشا خانا ڪيس احتساب عدالت کان واپس وٺي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني خلاف نئين توشا خانا ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته نيب ترميمن جي بحالي کانپوءِ نئون توشا خانا ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، هن وقت جيڪو قانون آهي ان تحت ڏوهه ٺهي ئي نه ٿو.
احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ۾ ٽِين وڳي تائين جو وقفو ڪيو ۽ ان کانپوءِ نئون توشا خانا ريفرنس اسپيشل ڪڪ سينٽرل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.
احتساب عدالت حڪم ڏنو ته نئين توشا خانا ڪيس ۾ ضمانت جون درخواستون لاڳاپيل عدالت ئي ٻڌندي، نئين توشاخانا ڪيس جي ٻڌڻي ڏهه سپٽيمبر تي لاڳاپيل عدالت ڪندي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان طرفان نيب ترميمن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو سهارو وٺندي 190ملين پائونڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت کان رعايت گهري هئي ۽ پنهنجي بريت جي درخواست داخل ڪئي هئي.
You might also like