مظفر ڳڙهه ( ويب ڊيسڪ ) مظفر ڳڙهه مان حڪمران پارٽي پاڪستان ليگ نون جي ايم پي اي راڻا عبدالمنان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، راڻا عبدالمنان خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر جتوئي تي تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، کيس ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ ايم پي اي جي عبوري ضمانت خارج ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ پوليس راڻا عبدالمنان کي گرفتار ڪيو.
واضح رهي ته 18 ۽ 19 مئي جي وچ واري رات اسسٽنٽ ڪمشنر جتوئي تي مبينا تشدد جو ڪيس نون ليگ جي ايم پي اي عبدالمنان ۽ ٻين جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو.
Next Post
You might also like