ايشين چيمپيئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جو مقابلو برابر

ايشين چيمپيئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ميچ 2-2 تان برابر رهي.
چين جي شهر هولينبيور ۾ 8 کان 17 سيپٽمبر تائين کيڏي ويندڙ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ملائيشيا خلاف ٻن گولن جي سرسي حاصل ڪري ورتي، جيڪا گهڻي دير برقرار رهي سگهي ٿي.
پاڪستان طرفان پهريون گول 24هين منٽ ۾ سفيان خان پينلٽي ڪارنر تي ڪيو، ٻيو فيلڊ گول 32هين منٽ ۾ ذڪريا حيات ڪيو پر ملائيشيا واپسي ڪئي 56هين منٽ تائين ٻه گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ وقت ختم ٿيڻ تائين ٻئي ٽيمون وڌيڪ ڪو گول نه ڪري سگهيون ۽ مقابلو برابر رهيو.
واضح رهي ته ايونٽ ۾ پاڪستان کانسواءِ ڀارت، ملائيشيا، جاپان، ڪوريا ۽ چين جون ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن.
ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ 9 سيپٽمبر تي ڪوريا، ٽين ميچ 11 سيپٽمبر تي جاپان، چوٿين ميچ 14 سيپٽمبر تي چين، جڏهن ته آخري پول ميچ 14 سيپٽمبر تي ڀارت خلاف کيڏندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.