ايپل جي آءِ فون 16 سيريز جا ماڊلز 9 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايا پيا وڃن.
آءِ فون 16، 16 پلس، 16 پرو ۽ 16 پرو ميڪس ان ڪمپني جا پهريان سمارٽ فونز آهن، جيڪي جنريٽيو آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ماڊل ايپل انٽيليجنس تي ٻڌل هوندا.
پر انهن فونز جي قيمت ڪيتري ٿي سگهي ٿي؟ اهو سوال واهپيدارن جي ذهنن ۾ وڏي عرصي کان موجود آهي.
هڪ نئين ليڪ ۾ آءِ فون 16 سيريز جي اگهن بابت ٻڌايو ويو آهي.
رپورٽ موجب ان سيريز جي انٽري ماڊل آءِ فون 16 جي قيمت 799 ڊالرن کان شروع ٿيندي ۽ آءِ فون 16 پلس جي قيمت 899 ڊالرن کان شروع ٿيندي.
آءِ فون 16 پرو جي قيمت 1099 ڊالرن کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 16 پرو ميڪس جي قيمت 1199 کان شروع ٿيندي.
You might also like