صدر آصف زرداري خلاف گُٿا لفظ استعمال ڪندڙ شخص تي ڪيس داخل

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) حافظ آباد ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ عدالت جي حڪم تي پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.
پ پ حافظ آباد جي ضلعي سيڪريٽري جنرل ۽ بار جي اڳوڻي صدر محمد ارشد ايڊووڪيٽ طرفان سٽي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو.
ايف آءِ آر موجب ماسٽر ثاقب آصف زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي راجا چوڪ ۾ بيٺو هو، جتي ذوالفقار علي ڀٽ دڪاندار، آصف زرداري خلاف نازيبا لفظ ڳالهايا، جڏهن ثاقب کيس روڪيو ته جوابدار ان کي پسٽل جو بٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
ان تي عدالت ۾ پ پ جي سيڪريٽري جنرل طرفان رٽ پٽيشن داخل ڪرائي وئي، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ پوليس کي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.