لاهور ( بيورو+م ڊ ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 16 ڏينهن باقي آهن، جيڪڏهن راولپنڊي معاهدي تي عمل نه ٿيو ته صورتحال جي ذميوار حڪومت هوندي، اسان جو جيڪو به لاءِ عمل آهي ان تي عمل ڪيو وڃي، نه ته پوءِ شهباز شريف کي شڪايت نه ڪرڻ گهرجي، حڪمرانن جي عياشين جو بار ھاڻ عوام نه کڻندي ، اسان قوم جي حق لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اسان جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو سوچين به نه. واپارين سان صلاح مشورا ھلندڙ آھن، 3 ڏينهن جي هڙتال ڪري سگھون ٿا ، ۽ سڄو ملڪ بند به ڪري سگھجي ٿو، پنجاب ۾ جيڪو به رليف ڏنو ويو آهي ان جو ڪريڊٽ جماعت اسلامي ڏانهن آهي، بجلي جي اصل قيمت مقرر ڪئي وڃي ۽ ٻن مهينن لاءِ نه، سڄي سال لاءِ ۽ سڄي پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو وڃي.حڪمران پنهنجون مراعتون ۽ آسائشون گهٽ ڪن، آءِ پي پيز ٽي وڏا فراڊ ڪيا آهن، پهريون معاهدا غلط آهن، ٻيو ته بجلي جو پئسو وصول نه پيو ڪيو وڃي ۽ ٽيون ان رقم تي ٽيڪس ادا نه ڪيو وڃي، هن چيو ته بجلي جا اگهه وڌي رهيا آهن، گئس جا اگهه وڌيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ حڪومت اسسٽنٽ ڪمشنر لاءِ ٻه سئو ارب مان گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . هن چيو ته ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم تي فارم 47 لاڳو ڪيو ويو آهي، سندن اقتدار ۾ رهڻ عوام جي توهين آهي. امير جماعت اسلامي چيو ته جماعت اسلامي هن وقت سڄي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهي آهي، ٻي ڪا به پارٽي عوامي مسئلا نه اٿاري رهي آهي