اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت بيلجيم ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير آمنا بلوچ کي 11 سيپٽمبر کان پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو.
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فارين سروس آف پاڪستان جي بي ايس 22 گريڊ جي آفيسر آمنا بلوچ کي بدلي ڪري پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آمنا بلوچ هن وقت بيلجيم، لگزمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير آهي ۽ سندس پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري 11 سيپٽمبر 2024ع کان لاڳو ٿيندي.
You might also like