توشا خانا 2 ختم ٿي ويو، القادر ٽرسٽ کي به ختم سمجهيو وڃي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته توشا خانا 2 ڪيس ختم ٿي ويو آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس کي به ختم سمجهيو وڃي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته ٻڌڻي دوران عمران خان کان پڇيو ويو ته هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي لاءِ نقصان آهي ته ٿيڻ ڏيو، ملڪ کي فائدو ٿيڻ گهرجي. ڇو ته نئين قانون ۾ لکيل آهي ته ڪابينا جي فيصلي کي استثنيٰ حاصل آهي. پراسيڪيوشن پاڻ اعتراف ڪيو ته ڪيس ۾ عمران خان جو ڪو به ذاتي مفاد ناهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ٻئي ڪيس هاڻي ختم ٿي ويا آهن.
هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ موجود آهيون، بي شڪ اتي شڪي ماڻهو ويٺا آهن. بلوچستان جي مسئلي تي بحث ۽ پارليامينٽ جو اجلاس ٿيڻ گهرجي. اسان جي وفد حڪومتي وفد سان پارليامينٽ ۾ ملاقات ڪئي، مون ۽ اسد قيصر راڻا ثناءُ الله ۽ حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي حڪومت کي تجويز ڏني ته فوجي قيادت بلوچستان جي معاملي تي پارليامينٽ کي بريفنگ ڏئي.
سندس چوڻ هو ته 8 سيپٽمبر تي ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، جبري گمشدگين، لاقانونيت ۽ عمران خان جي آزادي لاءِ جلسو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.