اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته قومي اتفاق راءِ لاءِ سمورا سياستدان گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته سمورا سياستدان ذاتي مفادن ۽ تعصبن کي ڇڏي قومي مفادن کي اوليت ڏين.
هن چيو سوچڻ گهرجي ته قومي اتحاد ۽ اتفاق راءِ تي پارليامينٽ ۾ ڪيترو وقت ڳالهايو ويو آهي، حالتن جي گهرج آهي ته پاڪستان کي گڏجي اڳتي وڌايو وڃي. اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي.
You might also like