ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار نتاشا دانش ۽ ٻن فوتين جي وارثن وچ ۾ معاهدو ۽ جوابدار جي ضمانت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا.
درخواست ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو کاتي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪيس ۾ قتل خطا بدران قتل جي قدم جا قلم شامل ڪيا وڃن.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو درخواست جي ٻڌڻي تي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 4 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like