اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته بلوچستان جي مسئلن جو مستقبل حل پارليامينٽ آهي.
اسلام آباد مان جاري بيان ۾ رضا رباني چيو ته بلوچستان جي مسئلي تي اي پي سي نه پر پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ جو ان ڪيمرا اجلاس گهرائي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي.
هن چيو ته وفاقي ايڪن کي پيش مسئلا پارليامينٽ کان ٻاهر غور هيٺ نه اچڻ گهرجن، بلوچستان مسئلي جو مستقل حل پارليامينٽ آهي، حڪومت اجلاس کي ان مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ استعمال ڪري.
You might also like