اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ 0.15 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.
ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح 14.07 سيڪڙو تي اچي وئي، هڪ هفتي دوران 19 شيون مهانگيون، جڏهن ته 13 سستيون ٿيون.
هڪ هفتي ۾ في ڪلو بصر 5 رپيا 58 پئسا مهانگا ٿيا، ٿوم في ڪلو 7 رپيا 38 پئسا، ايل پي جي جو گهريلو سئليندڙ 27 رپيا 66 پئسا، في درجن بيضا هڪ رپيو 65 پئسا مهانگا ٿيا.
ڳڻپ کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پٽاٽا، چانور، ڪيلا، لوڻ، ڳڙ به مهانگو ٿيو، جڏهن ته ٽماٽا في ڪلو 19 رپيا 3 پئسا سستا ٿيا، ڪڪڙ جو گوشت 6 رپيا 73 پئسا في ڪلو، 20 ڪلو ڪڻڪ جو اٽو 23 رپيا 32 پئسا سستو ٿيو.
ڳڻپ کاتي موجب پيٽروليم شيون، مسور جي دال، ماش جي دال ۽ کنڊ به سستي ٿي، جڏهن ته 19 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.