ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا واني ڪپور به جڳ مشهور پاڪستاني اداڪار فواد خان جي ديواني نڪتي.
واني ڪپور تازي انٽرويو ۾ چيو ته اسٽريمنگ پليٽ فارمز تي فواد خان جا ڪيترائي ڊراما ڏٺا آهن، مون کي ان جو ڪم پسند آهي ۽ جڏهن ته وقت ملندو آهي ته پنهنجي ماءُ سان گڏ ان جا ڊراما ضرور ڏسندي آهيان.
هن چيو ته منهنجي ماءُ به فواد خان جي مداح آهي، ان جو ڪم انتهائي شاندار آهي ۽ هر ڊرامي ۾ ان جو ڪردار اڳ واري ڪردار کان مختلف هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته فواد خان آساني سان مختلف ڪردار ادا ڪندو آهي، مون کي سندس ڊراما ”همسفر“ ۽ ”زندگي گلزار هي“ ڏاڍا پسند آهن.
واني ڪپور چيو ته مون جيان ڀارتي شوقين به فواد خان سان ڏاڍي محبت ڪن ٿا، ان جي شخصيت ۽ ان جو ڪم هر هڪ کي پسند ايندو آهي.
Prev Post
You might also like