ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺا آهيون.
يوم دفاع تي پنهنجي بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت تي ڪو شڪ ناهي، اسان پنهنجي شهيدن کي ياد رکندا آهيون.
هوڏانهن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي اتحاد جو ڏينهن آهي، قوم کي پيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ يڪجهتي گهرجي.
هن چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن جي قربانين کي نٿو وساري سگهجي.
You might also like