سينيٽ: اسلام آباد ۾ بنا اجازت جلسي تي قيد جي سزا جو بل منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اسلام آباد ۾ پرامن جلسي جلوس جو بل منظور ڪري ورتو، هاڻ اسلام آباد جي ڪنهن به اهڙي علائقي ۾ جلسو جلوس ڪيو ويندو، جتي حڪومت اجازت ڏيندي، حڪومتي اجازت بنا جلسو جلوس ڪرڻ يا ان ۾ شامل ٿيندڙن کي 3 سالن تائين قيد جي سزا ملندي.
يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ مخصوص جاءِ تي پرامن جلسي جلوس جو بل پيش ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ جي علي ظفر چيو ته اسلام آباد ۾ اسان جو هڪ جلسو ٿي رهيو آهي، ان جلسي کي روڪڻ لاءِ اهو قانون ٺاهيو پيو وڃي.
سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ان بل جو ڪنهن جلسي سان ڪو واسطو ناهي، اسان پرامن جلسي کي روڪيون نه پيا پر انهن کي ته سهولت ڏئي رهيا آهيون.
ايوان ۾ بل تي شق وار راءِ شماري ٿي، جنهن کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
اعظم نذير تارڙ چيو ته هڪ جاءِ مختص ڪئي وڃي، ميڊيا به اتي هوندي، يوسف رضا گيلاني چيو ته جلسي جلوس لاءِ ڪا هائيڊ پارڪ جهڙي جاءِ ٺاهي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.