ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ 187 جعلي پوليس اهلڪارن جي ڀرتي جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته 55 آفيسرن جا ڊوميسائل به شڪي قرار ڏنا ويا آهن.
چيئرمين نثار احمد کهڙي جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ آءِ جي جيل به شريڪ ٿيو.
اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي حسابن تي بحث ٿيو ۽ پوليس جي کاڌن ۾ بي ضابطگين جو به ذڪر ٿيو.
اجلاس دوران سنڌ پوليس ۾ 187 جعلي پوليس اهلڪارن جي ڀرتي جو انڪشاف ٿيو ۽ سنڌ پوليس ۾ 55 آفيسرن جا ڊوميسائل به شڪي قرار ڏنا ويا.
آءِ جي سنڌ بريفنگ دوران ٻڌايو ته سال 2018 ۾ ڪشمور ۾ 187 جعلي پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا، جيڪي پگهار کڻندا رهيا آهن، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي ڀرتي ۾ ملوث آفيسرن کي جيل موڪليو ويو.
غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته هن وقت اهو معاملو اينٽي ڪرپشن وٽ آهي، جنهن تي نثار کهڙي چيو ته اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي فيصلي تائين معاملي تي ڪو فيصلو نٿا ڪيون.
آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي 55 آفيسرن جا ڊوميسائل شڪي قرار ڏنا ويا، جڏهن ته انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ سنڌ جي ضلعن مان ناهن، اسان جاچ ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته پوليس جي کاڌن ۾ ٽينڊر ممڪن ناهي، کاڌا اسان کي ڪنهن به موقعي تي ڏيڻا پوندا آهن، ٽينڊر جو طريقي ڪار ڊگهو آهي.
You might also like