ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ۽ صدر تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏيندڙ بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه اختر مينگل دبئي روانو ٿي ويو.
دبئي روانگي وقت ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ اختر مينگل چيو ته سڀني سياسي جماعتن منهنجي استعيفيٰ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي مون کي حيرت آهي، ڇو ته مان اڳ به استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان ۽ پارليامينٽ جو حصو رهڻ جو ڪو ارادو نٿو رکان.
هن لکيو ته ”هو (سياسي جماعتون) سمجهن ٿا ته مون کي پرچائيندا، مون کي راءِ تبديل ڪرڻ تي راضي ڪندا ۽ پنهنجي غلطين جي معافي گهرندا پر مون کان معافي گهرڻ جي ضرورت ناهي، بلوچستان جي عوام کان معافي گهرو، تسليم ڪيو ته توهان انهن جي پيارن کي کسي انهن جون دليون ڏکايون آهن.
سندس چوڻ هو ته سمي بلوچ ۽ ڊاڪٽر مهرنگ کان معافي گهرو ته توهان انهن کي ان وقت ماريو، جڏهن اهي رڳو توهان سان ڳالهائڻ چاهين ٿا، مان رڳو اختر مينگل ناهيان، مان ان عوام جو حصو آهيان، جڏهن توهان انهن کان معافي گهرندئو ته مون کان معافي گهرندئو، منهنجي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي پر منهنجي ضمير ان فيصلي تي مجبور ڪيو.
اختر مينگل لکيو ته مان سڀني کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، مان پاڪستان ۾ آزاد نه هيس ۽ پاڻ تان اهو بار لاهڻ چاهيو، جيڪو وڏي وقت کان مون تي هو ۽ هاڻ مان آزاد آهيان، اميد ته باقي ماڻهو به جلد اها حقيقت ڄاڻي وٺندا، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي مان هاڻ اڏام ۾ آهيان، الوداع پارليامينٽ، شايد اسان ان وقت ملون، جڏهن قانون جي حڪمراني قائم ٿئي!.
مون کان نه پنهنجا پيارا وڃائيندڙ بلوچن کان معافي گهرو: اختر مينگل پرديس هليو ويو
You might also like