سوئٽزرلينڊ عراقي تخت گاهه بغداد ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوئٽزرلينڊ بغداد ۾ 33 ورهين کانپوءِ پنهنجو سفارتخانو کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ سوئس پرڏيهي وزارت چيو ته سفارتخانو کولڻ جو مقصد عراق سان لاڳاپا مضبوط بڻائڻ آهي، ان کانسواءِ عراق سان اقتصادي، سلامتي ۽ لڏپلاڻ جي معاملن ۾ به سهڪار کي گهرو ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته سوئٽزرلينڊ 1991 ۾ نار جنگ سبب عراق ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو هو.
You might also like