فوجي تحويل ۾ ڏيڻ جو خدشو، عمران خان هٿ پير هڻڻ لڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني 9 مئي ڪيسن ۾ فوجي تحويل ۾ ڏيڻ جي خدشي کي ڏسندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
9 مئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني کي فوجي تحويل ۾ نه ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي درخواست وڪيل عزير ڀنڊاري دائل ڪئي، جنهن ۾ 9 مئي ڪيسن ۾ ملٽري ڪورٽ ٽرائل لاءِ فوجي تحويل ۾ نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ قانون واري سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ وفاق سميت آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب، آءِ جي جيل، ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته يقيني بڻايو وڃي ته 9 مئي ڪيسن جي ٻڌڻي سويلين عدالتن ۾ ٿئي.
واضح رهي ته بچاءَ واري وزير خواجا آصف بيان ڏيندي چيو هو ته پي ٽي آءِ باني جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.