جهلم (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت ماحول ٺاهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان ڳالهين لاءِ تيار آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ملڪي معيشت آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي وئي آهي، پاڪستان جون سياسي ۽ معاشي حالتون غير مستحڪم آهن، 4 ڪروڙ ووٽ کڻندڙ کي ڪيئن مائنس ڪنداسين.
هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي اڪيلي ٿي وئي آهي، هڪ مهيني ۾ 84 ماڻهو دهشتگردي ۾ شهيد ٿي چڪا آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ دهشتگردي جو ڪو واقعو نه ٿيو هو، هن وقت ملڪي مسئلن جو واحد حل گرينڊ ڊائلاگ آهي، سموري ليڊرشپ ۽ لاڳاپيل ادارا ويهي ڳالهائين.
Prev Post
You might also like