ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ وري برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي هوائن جو سلسلو اڄ کان اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف شهرن ۾ برسات پوندي.
موسميات کاتي موجب اربع ۽ خميس تي ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، دادو، جيڪب آباد، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، ٿرپارڪر، مٺي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز مينهن جو امڪان آهي.
You might also like