نيٽ فلڪس ڀارتي حڪومت آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) نيٽ فلڪس ڀارتي حڪومت آڏو گوڏا کوڙيندي تڪراري ويب سيريز ۾ ڦيرڦار جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نيٽ فلڪس تي گذريل هفتي رليز ٿيندڙ ويب سيريز ” آءِ سي 814: دي قنڌار هاءِ جيڪ “ ۾ هاءِ جيڪرن لاءِ ڀولا ۽ شنڪر جي نالن جو استعمال ڪرڻ تي ڀارت ۾ تڪرار جاري آهي جنهن تي ڀارتي حڪومت نيٽ فلڪس جي هيڊ آف ڪانٽينٽ کي طلب ڪيو هو.
اڄ نيٽ فلڪس ڀارتي مواد سربراهه مونيڪا شيرگِل طرفان چيو ويو ته جيڪي ناظرين 1999 ۾ ٿيل هاءِ جيڪنگ واقعي کان واقف آهن انهن لاءِ ڊسڪليمرر ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ هاءِ جيڪرز جي اصل ۽ ڪوڊ نالا ٻئي شامل ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته ڊسمبر 1999ع ۾ ڀارتي ايئر لائين جي کٽمنڊو کان دهلي ايندڙ اُڏام کي هاءِ جيڪ ڪري ان کي امرتسر، لاهور، دبئي ۽ قنڌار آندو ويو هو، هاءِ جيڪرن ڀارتي سرڪار سان ڳالهين کانپوءِ مسافرن جي بازيابي جي بدلي جيلن مان مولانا مسعود اظهر، احمد عمر سعيد ۽ مشتاق احمد زرگر کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا.
جهاز جي مسافرن ۽ واقعي کي رپورٽ ڪندڙ صحافين موجب، هاءِ جيڪر پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هڪٻئي کي چيف، ڊاڪٽر، برگر، ڀولا ۽ شنڪر جي نالن سان سڏيندا هئا.
جنوري 2000 تي ڀارتي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ هاءِ جيڪرن جي نشاندهي ابراهيم، اطهر، شاهد اختر، سني احمد قاضي، مستري ظهور ابراهيم ۽ شاڪر جي نالن طور ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.