سخت احتسابي نظام اداري جي استحڪام لاءِ ضروري آهي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو آهي ته فوج ۾ موجود سخت احتسابي نظام تي عملدرآمد اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي ۽ ڪو به فرد احتساب جي عمل کان مٿانهون ۽ آجو نٿو ٿي سگهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي، جنهن ۾ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ فورم پاڪستان جي امن، استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم کي خطي جي صورتحال، قومي سلامتي کي پيش چئلينجن، وڌندڙ خطرن جي جواب ۾ آپريشنل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته فورم ملڪ، خاص طور بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۾ سرگرم ملڪ دشمن قوتن جي تدارڪ، تخريبي عنصرن، انهن جي ملڪ مخالف اندروني ۽ ٻاهرين سهولتڪارن جي سرگرمين جي تدارڪ لاءِ قدمن تي به غور ڪيو.
ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس چيو ته فوج ۾ موجود سخت احتسابي نظام تي عملدرآمد اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي ۽ ڪو به فرد احتساب جي عمل کان مٿانهون ۽ آجو نٿو ٿي سگهي، احتساب ۾ ڪنهن قسم جي جانبداري، ڇوٽ جي گنجائش ناهي هوندي.
فورم قرار ڏنو ته عوام جي حمايت سان دهشتگردي خلاف قربانيون ضايع نه وينديون، فوج منظم ادارو آهي، ان جي هر فرد جي پيشيوراڻي مهارت، وفاداري رڳو رياست ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهي.
آرمي چيف مضبوط ۽ اثرائتي قانوني نظام جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ چيو ته فوج حڪومت، انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گڏيل سهڪار فراهم ڪندي رهندي.
فورم دهشتگرد نيٽ ورڪس جي غير قانوني سرگرمين خلاف جاري ڪوششن تي به اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.