پنڊي ٽيسٽ ۾ بنگالين جي واپسي، جنيد خان بالرن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ٽيم جي بالنگ ڪوچ ۽ اڳوڻي فاسٽ بالر جنيد خان راولپنڊي ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم جي بالرن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ جنيد خان چيو ته غير تجربي ڪار بالنگ سائيڊ وٽ پيس موجود ناهي، 26 تي 6 آئوٽ هئا، 262 تي آل آئوٽ ٿيا.
هن ڪرڪيٽ شوقينن کان سوال ڪيو ته اها ڪارڪردگي سٺي آهي يا بُري؟
واضح رهي ته پنڊي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ بنگلاديش جون 26 رنسن تي 6 وڪيٽون ڪري پيون هيون پر مهمان ٽيم 262 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.