چيمپيئنز ون ڊي ڪپ، شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جا شوقين فيصل آباد ۾ چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جون رائونڊ ميچون اقبال اسٽيڊيم ۾ مفت ڏسي سگهندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي پهريون ڀيرو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن ۾ چيمپيئنز ايونٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
ان سلسلي ۾ پهريون چيمپيئنز ون ڊي ڪپ 12 سيپٽمبر کان فيصل آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ ايونٽ جي تيارين جو به جائزو ورتو ويو.
محسن نقوي چيو ته شوقين آخري 4 ميچن کانسواءِ سموريون ميچون مفت ڏسي سگهندا، ان ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جا بهترين ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا.
هن چيو ته ان سان نه رڳو ٽئلينٽ سامهون ايندو پر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ به مضبوط ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.