مولانا فضل الرحمان حڪومت جي حمايت ڪري سياسي خودڪشي نه ڪندو: لطيف کوسو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسي جو چوڻ آهي ته حڪومت کي مولانا فضل الرحمان کي ڇا ڏيڻو آهي؟ مولانا کي ڪلاشنڪوف جو تحفو ڏنو ويو، ان جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسي چيو ته جيڪو حڪومت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سپورٽ ڪندو اهو به ٻڏي ويندو، مولانا فضل الرحمان حڪومت جي حمايت ڪري سياسي خودڪشي نه ڪندو.

لطيف کوسي چيو ته جيڪڏهن حڪومت پي ٽي آءِ جي باني جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ هلائڻ چاهي ٿي ته اها پنهنجي خواهش پوري ڪري اصغر خان جو ڪيس به کوليو، نواز شريف پئسا وٺي ويو هو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت وٽ پنهنجو ناڻي وارو وزير به ناهي، جيڪڏهن ڪو اختلاف آهي ته اهو شريف خاندان ۾ آهي. لطيف کوسي اهو به چيو ته هو اسلام آباد کانپوءِ لاهور ۾ به جلسو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.