اغوا ڪيل ٻار ڌاڙيل سان چنبڙي روئڻ لڳو، ڇڏڻ کان انڪار، سڀني روئي ڏنو!

اغوا ڪيل ٻار بازيابي جي وقت ڊنل هوندو آهي پر هڪ وڊيو ۾ ٻار ڌاڙيل کي چنبڙي پيو ۽ ڇڏڻ کان انڪار ڪيائين جنهن تي ڌاڙيل به روئي ڏنو ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ سڀني روئي ڏنو.

واقعو ڀارت جو آهي جتي جئي پور جي پوليس ٻار کي 14 مهينن کانپوءِ اتر پرديش مان بازياب ڪرايو.

واقعي جي آخري وقت واري وڊيو سوشل ميڊيا تي آئي جنهن ۾ پوليس اسٽيشن ۾ موجود ڌاڙيل کان ٻار ورتو پيو وڃي پر ٻار سندس هنج مان لهڻ لاءِ تيار ناهي ۽ روئڻ لڳي ٿو.

پرٿوي نالي ٻار کي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڌاڙيل جي اکين ۾ به ڳوڙها هئا.

ٻار کي زوري ڇڏائي ٿاڻي ٻاهر موجود سندس ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.