حيدرآباد ۾ جعلي بيواهن کي پينشن ڏيڻ جو انڪشاف، ناڻي کاتي ۾ اربين رپيا ڪرپشن

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي حيدرآباد ۾ پينشن فنڊ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي حيدرآباد ميونسپل برانچ جي بينڪ آپريشن مئنيجر جي شڪايت تي لاڳاپيل برانچ مئنيجر، ميونسپل عملي ۽ ضلعي فنانس آفيس جي ملوث ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي.

ضلعي اڪائونٽس آفيسر حيدرآباد کان جنوري 2021ع کان آگسٽ 2024ع تائين پينشن فنڊ جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو.

جنوري 2021 کان آگسٽ 2024 تائين پينشن سيڪشن ۾ مقرر آفيسرن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن.

اندازي موجب 60 ڪروڙ ميونسپل ملازمن جي پينشن مان هڙپ ڪيا ويا ان لاءِ کين جيئرو ظاهر ڪيو ويو هو.

لاڳاپيل بئنڪ معاملي جي ڊپارٽمينٽل انڪوائري پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پڇا ڳاڇا ۾ انڪشاف ٿيو ته مرحوم ليکڪ محمد ڪمال جي بيواهه ڄاڻائي هڪ فرضي عورت کي 43 لک رپيا پينشن ڏني وئي.

مرحوم ليکڪ جي ماهوار پينشن به جعلي نالي تي درج ٿيل عورت کي ڏيڻ شروع ڪئي وئي، حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس پاران بيواهه عورت کي پينشن ڏني وئي.

ناڻي کاتي تحت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعي اڪائونٽس آفيسن ۾ پينشن فنڊ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.