ايل پي جي جي اگهن ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايل پي جي جي اگهن ۾ 6 رپين کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي. اوگرا اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.

ايل پي جي جي اگهن ۾ 6 رپيا 99 پيسا في ڪلوگرام واڌ ڪئي وئي آهي، واڌ کانپوءِ ايل پي جي جي في ڪلو جو اگهه 243 رپيا 99 پيسا مقرر ڪيو ويو آهي.

ان کانسواءِ گهريلو سلينڊر 82 رپيا 53 پيسا مهانگو ٿي ويو آهي. 11.8 ڪلوگرام واري گهريلو سلينڊر جو اگهه 2 هزار 879 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.