ڇا اوهان هيڊ جي هن خطرناڪ نقصان کان واقف آهيو!

هيڊ اسان جي کاڌن جو اهم جُز آهي ۽ گھڻا ماڻهو ان جي فائدن بابت ڄاڻين ٿا پر ان جي نقصانن جي گھٽ ماڻهن کي خبر آهي.
خالص هيڊ جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي ۽ اها ڪڏهن جسم لاءِ فائديمند هجڻ بدران هاڃيڪار بڻجي وڃي ٿي؟ ان حوالي سان هڪ رپورٽ ۾ ان جي هاڃيڪار اثرن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
کاڌي ۾ هيڊ جو استعمال انساني جسم ۾ سوڄ ۽ جراثيمن جي خاتمي ۽ وبائن جي روڪٿام لاءِ به ڪيو ويندو آهي.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته هيڊ جو اصل رنگ ڦڪو نه پر سونهري هجي ٿو ۽ ان ڏس ۾ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو ان کي خريد ڪرڻ وقت ان جي رنگ کي ئي نظر ۾ رکندا آهن.
هيڊ جا ڪيترائي فائد آهن پر ان ۾ ٿيندڙ ملاوٽ سان انسان جي صحت تي هاڃيڪار اثر پئجي سگھن ٿا.
هتي اهو سوال اهم آهي ته ڪيئن ڄاڻجي ته جيڪا هيڊ اوهان پنهنجي کاڌي ۾ استعمال ڪري رهيا آهيو اُحا ملاوٽ کان پاڪ آهي؟ انهن سوالن جو جواب هيٺ بيان ڪجي ٿو.
هيڊ ۾ ملاوٽ ڪيئن ٿيندي آهي؟
ماهرن جو چوڻ هو ته هيڊ ۾ ملاوٽ ڪرڻ جو بنياد مقصد پسئو ڪمائڻ آهي، هيڊ جي پائوڊر ۾ ملاوٽ لاءِ نشاستو، ادرڪ جون پاڙون ۽ هٿرادو رنگ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. هيڊ ۾ ملاوٽ ڪرڻ جو پهريون طريقو اهو آهي ته ان ۾ اٽو يا نشانو گڏايو وڃي.
ٻيو طريقو اهو آهي ته سٺي ڪوالٽي جي هيڊ ۾ ناقص ڪوالٽي جي هيڊ گڏائي ان جو مقدار وڌايو ويندو آهي جڏهن ته ٽيون طريقو اهو آهي ته هيڊ جي ڪوالٽي کي بهتر ڏيکارڻ لاءِ ان جو رنگ وڌيڪ نکاريو ويندو آهي جيڪو هيڊ ۾ هٿرادو رنگ شامل ڪرڻ سان ٿيندو آهي.
هٿرادو رنگ ۾ ڪروميٽ جا جُز شامل هوندا آهن، ليڊ ڪرميٽ نالي ڪيميڪل جو استعمال هيڊ جي رنگ کي وڌيڪ سونهري ڪرڻ لاءِ ٿيندو آهي. اهي حقيقت ۾ ٻن ڪيميڪلز ليڊ ۽ ڪروميم جو مرڪب آهي جنهن کي هيڊ جي رنگ ۾ اضافي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ملاوٽ ڪندڙ ان ۾ هڪ مخصوص تيل جو استعمال ڪندا آهن ۽ اُهو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ڇو جو تيل ڪينسر جهڙن مرضن جو شڪار بڻائي سگھي ٿو.
اسٽين فورڊ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق موجب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ليڊ پوائزننگ جا ڪيس ڀارت ۾ سامهون ايندا آهن.
محققن جو اهو به چوڻ آهي ته ليڊ ڪروميٽ سان بُڪين ۽ دماغ تي اثر پوي ٿو ۽ ان سان ٻارن جي دماغي واڌ ويجهه به بيهجي سگھي ٿي.
ليڊ پوائزننگ سان ٻارن جي سوچ سمجهه وار صلاحيت به گھٽجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.