بنگلاديش ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستاني شاگردن وڏي رقم عطيو ڪري ڇڏي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستاني شاگردن وڏي رقم عطيو ڪري ڇڏي.
پاڪستاني شاگردن طرفان بنگلاديشي ٻوڏ متاثرن لاءِ سوا ٻه لک ٽڪا جو عطيو ڪيو ويو، پاڪستاني شاگردن بنگلاديش ۾ موجود پنهنجي ساٿين ۽ پاڪستاني شهرين کان عطيا گڏ ڪيا.
ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پاڪستاني شاگردن بنگلاديشي شاگرد اڳواڻن کي متاثرن جي امداد لاءِ عطيو پيش ڪيو.
پاڪستاني شاگردن بنگلاديش جي نوجوانن جي معاملن ۽ راندين بابت صلاحڪار آصف محمود سان به ملاقات ڪئي، ملاقات دوران بنگلاديشي صلاحڪار پاڪستاني شاگردن جا ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته بنگلاديش ۾ پاڪستاني واحد پرڏيهي شاگرد آهن، جن ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جمع ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.