طاقتور اسپيل جاري، اسپيل کاتي ايندڙ اسپيل جي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ برساتن جو طاقتور اسپيل جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ايندڙ سلسلي جي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
ڊي جي ميٽ جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ پهرين سيپٽمبر کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو.
صحافين سان ڳالهائيندي مهر صاحبزادا خان چيو ته برساتن جو سلسلو معمول کان وڌيڪ آهي، آگسٽ ۾ غير معمولي برساتون ٿيون.
هن چيو ته ڊيپ ڊپريشن ڪراچي کان 170 ڪلو ميٽر فاصلي تي آهي، سائيڪلون گوادر ڀرسان سمنڊ ۾ ٺهيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي موسم ٻن ڏينهن ۾ بهتر ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.