سامونڊي طوفان جي اثر هيٺ سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ رات سڄي سنڌ ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 31 آگسٽ تائين سنڌ ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان تيز برسات جو امڪان آهي.
48 ورهين کانپوءِ عربي سمنڊ ۾ آگسٽ دوران سامونڊي طوفان ٺهيو آهي، ڊيپ ڊپريشن شدت اختيار ڪري سامونڊي طوفان بڻجي ويو آهي، ان سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 31 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان تيز برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.