اسان جي منصوبن جو فائدو ٻن مهينن لاءِ نه نسلن تائين منتقل ٿيندو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ ٻن مهينن لاءِ نه پر اهڙا منصوبا آڻيندي آهي، جنهن جو فائدو نسلن تائين منتقل ٿئي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ سنڌ حڪومت فوري طور متحرڪ ٿي، انتظاميا الرٽ آهي، سڀني ضلعن ۾ حڪومتي مشينري متحرڪ آهي، اسان جا وزير، ميئر ۽ ٻيا نمائندا ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته مراد علي شاهه برسات متاثر علائقن جا دورا ڪري رهيو آهي، صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جون خاص هدايتون آهن، فريال ٽالپر مختلف ضلعن ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون ڊيوٽيون لڳايون آهن.
سندس چوڻ هو ته پ پ شوبازي تي يقين نٿي رکي، اسان اهڙا ڪم ڪيا آهن، جنهن سان ماڻهن کي لائف ٽائم رليف ملندو، پاڪستان جي سستي ترين بجلي ٿر جي ڪوئلي مان ٺهڻ شروع ٿي وئي آهي، ايندڙ نسل ڏسندا ته ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان بجلي ملندي، پ پ جلد وفاق ۾ به حڪومت ٺاهيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.