صدر زرداري ارشد نديم کي هلال امتياز سان نوازي ڇڏيو
Share
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي هلال امتياز سان نوازي ڇڏيو.
ايوان صدر ۾ خاص تقريب ۾ ارشد نديم کي هلال امتياز سان نوازيو ويو.
واضح رهي ته ارشد نديم پئرس اولمپڪس ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو.