مڙس سان خوش ڏسي ماڻهو ساڙ ڪندا آهن: ندا ياسر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اداڪارا، ميزبان ۽ يوٽيوبر ندا ياسر سوشل ميڊيا تي پنهنجون خوشيون شيئر ڪرڻ ۽ واهپيدارن جي ردعمل تي گفتگو ڪئي آهي.
ندا ياسر جي مارننگ شو جي هڪ مختصر ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ واهپيدارن جي ناڪاري روين جي شڪايت ڪري رهي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي مڙس سان گڏ خوشي سان ڪا تصوير شيئر ڪيو ته ماڻهو ساڙ ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي خبر پئجي وڃي ته توهان جي ۽ شريڪ حيات وچ ۾ ڪو مسئلو آهي ته ماڻهن جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
سندس چوڻ جيڪڏهن توهان نئون گهر يا گاڏي خريد ڪيو ته به ماڻهن کان برداشت ناهي ٿيندو، ماڻهو بربادي ڏسي نه رڳو خوش ٿيندا آهن پر پير به ڪڍندا آهن.
ندا ياسر چيو اڄڪلهه ماڻهو پاڻ پريشان آهن، تنهن ڪري ٻين کي خوش ناهن ڏسي سگهندا، انهن جي عادت ٿي وئي آهي ته جيڪو به خوش آهي ان تي تنقيد ڪن ۽ ان کي ذليل ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.