ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته اها پ پ جو چونڊ منشور ڏسي، ان ۾ بجلي جي موجوده مسئلن جو حل موجود آهي.
وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي 2 لک گهراڻن کي سولر سسٽم ڏيڻ جي افتتاحي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سولر پئنل، هڪ پکو ۽ 3 بلب حقدار خاندانن ۾ ورهايا.
تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اڄ 2 لک سولر سسٽم فراهم ڪري رهيا آهيون، سولر سسٽم غريب گهراڻن کي ڏنا پيا وڃن، سولر سسٽم ۾ 80 کان 100 واٽ جي سولر پليٽ شامل آهي.
هن چيو ته سولر سسٽم ۾ 18 اي ايڇ جي ليٿم بيٽري، هڪ پکو، 3 بلب ۽ موبائل چارجر ڏينداسين، سولر سسٽم جي قيمت 50 هزار جي لڳ ڀڳ آهي، حقدار گهراڻن کي 80 سيڪڙو رعايت سان 6 هزار رپين ۾ ڏئي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته ٿر جي ڪوئلي سان بجلي جي پيداوار 4 رپيا في يونٽ آهي پر اسان بجلي جي ڪارخانن کي 30 رپيا في يونٽ ادا ڪري رهيا آهيون.
مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جي 70 سيڪڙو گئس سنڌ مان نڪري ٿي، بجلي جي بلن سبب اسان پريشان آهيون، ٻيا ماڻهو منصوبا ٺاهيندا آهن ۽ اسان اڳتي وڌي ڪم ڪندا آهيون، اسان جي پاليسي ٺهيل آهي، وفاق رڳو اسان جو منشور پڙهي، وفاقي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته ڪجهه ڪري، جيڪڏهن وفاقي حڪومت صحيح شين تي ڪم ڪندي ته سستي بجلي ٺهندي.
You might also like