بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ٻه اهم رانديگر شامل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان جي 12 رڪني اسڪواڊ ۾ ابرار احمد ۽ مير حمزا کي شامل ڪيو ويو آهي.
فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، هو پٽ جي پيدائش سبب فيملي سان گڏ آهي.
قومي ٽيم جي 12 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان شان مسعود، نائب ڪپتان سعود شڪيل، صائم ايوب، عبدالله شفيق، محمد رضوان، بابر اعظم، سلمان آغا، نسيم شاهه، خرم شهزاد، محمد علي، ابرار احمد ۽ مير حمزا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.