ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي نيب لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو، هاڻ نيب سنڌ اسيمبلي ميمبرن خلاف سڌي ريت ڪارروائي نه ڪري سگهندو.
سنڌ اسيمبلي عرفان ميمڻ کي نيب لاءِ اسيمبلي جو فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو، ڪنهن به اسيمبلي ميمبر خلاف شڪايت جي صورت ۾ نيب فوڪل پرسن سان رابطو ڪندي، فوڪل پرسن اسپيڪر کي نيب جي تفصيلن کان آگاهه ڪندو.
سنڌ اسيمبلي اسپيڪر لاڳاپيل ميمبر کي طلب ڪري ان کان وضاحت ۽ بي ڏوهي جو ثبوت گهرندو، جيڪڏهن اسپيڪر مطمئن نه ٿيو ته نيب ڪارروائي ڪري سگهندو.
You might also like